فرانسيسي صدر کي هڪ شخص چماٽ وهائي ڪڍي

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون کي هڪ شخص سرعام چماٽ وهائي ڪڍي.

اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن فرانسيسي صدر ڏکڻ اوڀر علائقي ڊروم جي دوري تي هو.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايمانوئل ميڪرون ڊروم ۾ ريسٽورنٽ مالڪن ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته هڪ شهري کيس چماٽ وهائي ڪڍي.

رپورٽن موجب جوابدار چماٽ هڻڻ وقت ايمانوئل ميڪرون جي نظريي ۽ پاليسين خلاف نعرو به هنيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.