اندرون ملڪ فضائي سفر ڪندڙن لاءِ به ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وڃي: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اندورن ملڪ فضائي سفر ڪندڙن لاءِ به ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽر تي چيو ته اندرون ملڪ اڏامن ۾ رش سبب سماجي وٿي ممڪن ناهي رهي، تنهن ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وڃي.

هن مطالبو ڪيو ته اين سي او سي ان حوالي سان سڀني ايئرپورٽن ۽ ايئرلائنز کي هدايتون جاري ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.