گلشن اقبال : شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن جو قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ احتجاج

قمبر شهدادڪوٽ جي نور پور پوليس چوڪي تي 2008ع ۾ ٿيل  حملي ۾ شهيد ٿي ويل  پنجن  پوليس اهلڪارن جي وارثن پاران  قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مارجي ويل پوليس اهلڪارن جي وارثن پاران  منظور حسين گوپانگ، طارق علي، شهزاد علي، شاهد علي جي اڳواڻي ۾ هٿن بينر کڻي احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2008ع ۾ جوابدارن صلاح ، ذوالفقار شهلياڻي، علي شير لغاري هٿياربندن  سان گڏ نور پور پوليس چوڪي تي حملو ڪري ايس ايڇ او محبت رند، جمعدار منٺار گوپانگ، جمعدار شبير بروهي، سجاد چانڊيو ۽  مريد ميتلو کي شهيد ڪيو هو  جنهن جو ڪيس داخل هجڻ باوجود قاتلن کي سياسي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري  گرفتار نه پيو  ڪيو وڃي.

هنن چيو ته  ڪجهه وقت اڳ مک جوابدار صلاح شهلياڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس جي شاهدن تي دٻاء وجهي شاهدي ڦيرائي وئي   ۽ هاڻ ٻين شاهدن تي به زور وڌو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن وزيراعظم پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي سزا ڏئي  شهيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.