ڪينيڊا ۾ دهشتگرد پاڪستاني ڪُٽنب تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي، 4 فوت

 

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ هڪ دهشتگرد پاڪستاني ڪُٽنب تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو گذريل ڏينهن ڪينيڊا جي شهر لنڊن، اونٽاريو ۾ پيش آيو، جنهن ۾ فوتين ۾ هڪ مرد، ٻه عورتون ۽ هڪ نينگري شامل آهي، جڏهن ته واقعي ۾ هڪ ٻارڙو زخمي به ٿيو.

فوتين ۾ هڪ پيرسن عورت، سندس پٽ، نُنهن ۽ پوٽي شامل آهن، لاهور سان واسطو رکندڙ ان خاندان کي ماريندڙ دهشتگرد مذهبي تعصب ۾ مبتلا هو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

مقامي ميڊيا موجب حملي آور مقامي ڪينيڊين شهري آهي، جنهن کي ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي مٿس قتل جا 4 ۽ قلم جي قدم جو هڪ الزام لاڳو ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب پوليس حملي کي مسلمانن خلاف نفرت تي ٻڌل قرار ڏنو آهي ۽ لنڊن ڊيٽڪٽو سپرنٽينڊنٽ پال ويٽ جو چوڻ آهي ته باقاعدي رٿابندي تحت حملو ڪيو ويو ۽ حملي آور تي فرسٽ ڊگري قتل جا الزام هنيا ويا آهن، جوابدار خلاف دهشتگردي جي قلمن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوت ٿيندڙ 46 ورهين جو سلمان فزيو ٿراپسٽ ۽ سندس 44 ورهين جي ويسٽرن يونيورسٽي لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي هئي، جڏهن ته سلمان جي 74 ورهين جي ماءُ پاڪستان مان وزٽ ويزا تي ڪينيڊا آئي هئي، واقعي ۾ سلمان جي 15 ورهين جي ڌيءَ به فوت ٿي، جڏهن ته هڪ ٻار علاج هيٺ آهي.

هوڏانهن ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي مون کي لوڏي ڇڏيو آهي، متاثرن ۽ لنڊن سميت سڄي ملڪ جي مسلم ڪميونٽي سان گڏ آهيون، ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جي ڪا گنجائش ناهي، ان نفرت کي ختم ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.