صنعان قريشي جي گرفتاري کانپوءِ گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري کانپوءِ گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

صنعان قريشي جي ڀاءُ ڪوثين قريشي درخواست ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ معرفت داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ممتاز مروت جي اڳواڻي ۾ رينجرز اهلڪار گهر ۾ داخل ٿيا، منهنجي امان ۽ مون پاران پڇا ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسان مٿان پسٽل تاڻي چيو زندگي پياري اٿو تھ خاموش رهو، جنهن کانپوءِ سخت تشدد بعد صنعان قريشي رات جو پوڻي 5 وڳي پرائيويٽ گاڏي ۾ کڻي ويا.

درخواستگذار موجب هن وقت تائين منهنجي ڀاءُ کي ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، ڪا خبر ناهي ته هو ڪٿي آھي، سندس حياتيءَ کي خطرو آھي، کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

درخواست ۾ وفاق، سنڌ سرڪار، پوليس ۽ رينجرز کي ڌُر بڻايو ويو، جنهن تي ٻڌڻي 10 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.