صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسقم جي مرڪزي قيادت پارٽي چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو.

ملير پريس ڪلب تي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي

هنن چيو ته اهڙي عمل جي سخت لفظن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ صنعان خان قريشي جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏيون ٿا، جنهن کي پرامن طريقي سان ڪارڪن ڪامياب بڻائيندا.

سندن چوڻ هو ته هڙتال کانپوءِ به جيڪڏهن صنعان خان قريشي کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.