سنڌ ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جي شروعات 

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) 7 کان 13 جون 2021 تائين سب نيشنل ايميونائيزيشن تحت قومي سطح تي پوليو مهم شروع ڪري رهيو آهي، سڄي صوبي ۾ 9 ملين کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا، مهم سنڌ جي سڀني 30 ضلعن ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ 9 ملين کان وڌيڪ ٻارڙن مان 2 ملين ٻارن جو واسطو ڪراچي سان آهي.

هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي ڪورونا وائرس بابت سفارشن ۽ حفاظتي اُپائن تحت مهم شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ورڪرن جو ماسڪ پائڻ ۽ انهن جي مقررين کان اڳ گرمي پد جاچڻ ۽ ٻارن کي سڌي ريت هٿ نه لڳائڻ، گهر ۾ داخل نه ٿيڻ، درَن کي قلم، رولرز يا ٺوٺ سان کڙڪائڻ وغيرا شامل آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان سان گڏ دنيا ۾ پوليو سبب متاثر ٿيندڙ ٻن ملڪن منجهان هڪ آهي ۽ سنڌ ۾ 2021 ۾ پوليو جو ڪو ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ هن سال رڳو بلوچستان ۾ هڪ پوليو ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.