بحريا ٽائون ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف نيو يارڪ ۾ سنڌي ڪميونٽي جو احتجاج

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيويارڪ سٽي ۾ پاڪستان قونصليٽ جنرل سامھون ايس يو پي، جسقم، سانا، سنڌي ڪميونٽي آف آمريڪا بحريا ٽائون خلاف ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان يڪجهتي طور احتجاج ڪيو.

احتجاج ۾ مردن توڙي عورتن شرڪت ڪري بحريا ٽائون پاران ڪراچي جي قديمي ڳوٺن تي قانوني قبضي، ڊي ايڇ اي، ذولفقار آباد جهڙن رهائشي منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج دوران سانا جي مرڪزي صدر خالد چنا، جسقم USA  جي حبيب ڀٽو، ايس يو پي جي علي خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏھن ته سنڌي ڪميونٽي نيويارڪ جي اڳواڻن راجا ڏاھر، حسن مجتبيٰ، ارشاد عباسي، شير محمد جوڻيجو، لياقت پنھور، راجا رياض، فرحان سومرو، انعام ڪيھڙ، رياض سمون، عطا وسطڙو، حميد چانڊيو، رمضان چانڊيو شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.