پراڻين ٽرينن سبب حادثا وڌي رهيا آهن: اويس قادر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پراڻيون ريلون هلائڻ سبب حادثا وڌي رهيا آهن.

پنهنجي بيان ۾ اويس قادر شاهه چيو ته وفاق کان ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو آهي ته ريلوي لائنون ۽ پراڻيون ٽرينون تبديل ڪيو پر وفاق ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ڪڏهن ٽرينون پٽڙيءَ تان لهي وينديون آهن ته ڪڏهن ٽڪرائجي وينديون آهن، اسان حادثي جي جاچ جو مطالبو ڪيون ٿا.

واضح رهي ته ڏهرڪي ڀرسان ملت ايڪسپريس ۽ سيرسيد ايڪسپريس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا فوت ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.