ريلوي لائنز جي مرمت لاءِ فنڊ نه هجڻ برابر آهن: سعد رفيق

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق گهوٽڪي ٽرين حادثي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌايو، همت اٿو ته ٻڌايو اسان جي دور ۾ ترقياتي بجيٽ ڪيتري هئي ۽ توهان ريلوي کي ڇا ڏنو آهي؟

اڳوڻي ريلوي واري وزير ويڊيو بيان ۾ چيو ته اڄ گهوٽڪي ڀرسان حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، موجوده حڪومت ريلوي جي بجيٽ ۾ 60 کان 65 سيڪڙو ڪٽ لڳايو آهي، توهان ترقي بجيٽ ۽ فنڊ نه ڏيندئو ته اهڙا مسئلا سامهون ايندا.

هن چيو ته گهوٽڪي وارن علائقن ۾ ريلوي ٽريڪ ڪمزور آهي، ان ٽريڪ جي مستقل بنيادن تي سار سنڀال ۽ مرمت جي ضرورت آهي پر فنڊ ناهن، ريلوي لائنز جي مرمت لاءِ فنڊ نه هجڻ برابر آهن.

سندس چوڻ هو يقين آهي ته ريلوي جو شعبو ايف جي آءِ آر ان جي جاچ ڪندو، اميد ته حقيقتون سامهون اينديون لڪايون نه وينديون، ماضي ۾ ريل جون 3 بوگيون سڙيون هيون ته ذميواري مسافرن تي وڌي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.