ڏهرڪي: ريتي ويجهو ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر،50 مسافر فوت، 160 زخمي

ڏهرڪي ويجهو ريتي ۾ ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾خوفناڪ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 50 وڌيڪ مسافر فوت  160 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته ڪيترائي لاش بوگين ۾ ڦاٿل رهيا،  هيوي مشينون نه پهچڻ ڪري لاشن کي بوگين مان ڪڍڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي ،فوتين ۾ لوڌران جو رهواسي سميع الله، نوابشآهه جو  محمد مبشر مقدس،  لوڌهران جي مائي علم خاتون،  فيصل آباد جي ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا ، اوٻاوڙو اسپتال ۾ 21 لاش آندا ويا باقين کي ڏهرڪي ۽  ميرپور ماٿيلو جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو ،اوٻاوڙو اسپتال ۾ بيڊ به ختم ٿي ويا جتي لاشن کي زمين تي ليٽايو ويو ، هوڏانهن امدادي ڪارروايون تيزي سان جاري رهيون،  پنوعاقل کان پاڪ فوج جا جوان ريسڪيو طور  انتظام سنڀالڻ لاءِ پهچي ويا، پوري ضلعي جي انتظاميا ڊي سي گهوٽڪي ايس ايس پي گهوٽڪي رينجرز ڪمانڊر سميت تمام انتظاميا حادثي  واري هنڌ تي پهتل هئي ،ضلع گهوٽڪي جي سڀني اسپتالن سميت صادق آباد، رحيم يار خان ، سکر جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي جڏهن ته پوري ملڪ ۾ مختلف اسٽيشنن تي ٽرينن کي بيهاريو ويو ،  معلومات جي لاءِ ڊي سي آفيس گهوٽڪي سميت سکر ۾ معلوماتي سينٽر قائم ڪيا ويا، حادثي کان فوري بعد سردار مير شھريار خان شر به پهچي ويو،پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر ريتي ۾ ريل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ريل جي بوگين ۾ ڦاٿل مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاء تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن . پوري ضلعي جي مشينري لڳائي وڃي ضرورت پوڻ تي سکر مان به مشينري گھرائي وڃي ته جيئن گھٽ کان گھٽ نقصان ٿئي ، زخمين کي سڀيئي سھولتون ڏنيون وڃن. وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مددگار سردار زاده بنگل خان مھر به واقعي واري ھنڌ پهچي ويو. ھن  زخمين جي عيادت ڪندي ڊاڪٽرن کي ھدايتون ڏنيون ته زخمين کي طبي امداد ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي ،  ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار بنگل خان مهر ۽ پ پ ضلعي اڳواڻ دادن خان مهر ۽ تر جي معزز شخصيتن ۽ علائقي جي عوام ريسڪيو جي ڪمن ۾ حصو ورتو ۽ مسافرن لاءِ کاڌو خوراڪ، تمبو ۽ ٻيو سامان کڻي اچي انهن جي مدد ڪئي ، سردار زاده بنگل خان مھر حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته ھو ساڻن ھن ڏکي وقت ۾  گڏ آهي ۽ فوتين جي مغفرت لاءِ دعاگو آهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار جي بي ڌياني ۽ نااهلي سبب گھوٽڪي ضلعي مان گذرندڙ ريلوي ٽريڪ خوني رستو بڻجي ويو آھي ،جتي روزانو مسافر فوت ٿين ٿا پر نيازي حڪومت ٽريڪ نئون يا بھتر ڪرڻ لاء تيار ناھي. حادثي تي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پاران به افسو س جو اظهار ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.