ٽرين حادثي جي ذميوارن کي معاف نه ڪيو ويندو: اعظم سواتي

 

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير اعظم سواتي چيو آهي ته ريل حادثي جي ذميوارن کي معاف نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان ريلوي واري وزير اعظم سواتي سان رابطو ڪري گهوٽڪي ٽرين حادثي بابت پڇا ڪئي، جنهن دوران اعظم سواتي وزيراعظم کي شروعاتي ڄاڻ ڏني.

وزيراعظم جي هدايت تي اعظم سواتي هنگامي طور هيلي ڪاپٽر ذريعي اسلام آباد مان گهوٽڪي روانو ٿيو ۽ حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروائين جو جائزو ورتو.

ان موقعي تي اعظم سواتي چيو ته هي وڏو حادثو آهي، مسافر فوت ۽ زخمي ٿيڻ تي افسوس آهي، ريسڪيو آپريشن ۽ زخمين جي علاج جي نگراني پاڻ ڪندس.

سندس چوڻ هو ته ٽرين حادثي جي پاڻ هنگامي بنيادن تي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ حادثي جي ذميوارن کي معاف نه ڪيو ويندو.

هن حادثي تي جاچ جو حڪم ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.