ڏهرڪي ڀرسان ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر،51 ڄڻا فوت، 150 کان وڌيڪ زخمي

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ڀرسان ريتي ۾ ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 51 مسافر فوت ، جڏهن ته 160 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.

حادثو رات دير سان ان وقت پيش آيو، جڏهن سرگوڌي ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 10 کان وڌيڪ بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون ۽ ٻئي پاسي کان ايندڙ سرسيد ايڪسپريس انهن بوگين سان ٽڪرجي پئي.

فوتين ۾ لوڌران جو رهواسي سميع الله، نوابشاهه جو  محمد مبشر مقدس،  لوڌران جي مائي علم خاتون سميت ٻيا شامل آهن ۽ ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

حادثي کانپوءِ اوٻاوڙو اسپتال ۾ 21 لاش آندا ويا، جڏهن ته باقين کي ڏهرڪي ۽  ميرپور ماٿيلي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن امدادي ڪارروايون تيزي سان جاري رهيون،  پني عاقل کان پاڪ فوج جا جوان ريسڪيو طور  انتظام سنڀالڻ لاءِ پهچي ويا، جڏهن ته ڊي سي گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي، رينجرز ڪمانڊر سميت ضلعي جي سڄي انتظاميا حادثي واري هنڌ تي پهتل هئي.

حادثي کانپوءِ ضلعي گهوٽڪي جي سڀني اسپتالن سميت صادق آباد، رحيم يار خان، سکر جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ مختلف اسٽيشنن تي ٽرينن کي بيهاريو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار بنگل خان مھر واقعي واري ھنڌ پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کي ھدايتون ڏنيون ته زخمين کي طبي امداد ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪئي وڃي،

هوڏانهن صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان سميت ٻين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.