راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو تي ڏمرجي پئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون.

راکي ساونت جي هڪ تازي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ صحافين سان گفتگو دوران هوءَ واٽهڙو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهي آهي.

راکي ساونت جي صحافين سان گفتگو دوران هڪ واٽهڙو کيس چتائي ڏسي ٿو، جنهن تي اداڪارا کيس چئي ٿي ته ”انڪل توهان وڃو، مان انٽرويو ڏئي رهي آهيان مون کي ڇو ڏسي رهيا آهيو، ڪڏهن ڇوڪري ناهي ڏٺي ڇا توهان؟ وڃو توهان جو ايڪسيڊنٽ نه ٿي وڃي“.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Newsy Corner (@newsycorner)

واٽهڙو ويندي ويندي راکي ساونت کي جواب ڏنو ته ”ايڪسيڊنٽ ڇا، توهان کي ڏسي ماڻهو هونئن ئي مري ويندو“، جنهن تي اتي موجود ماڻهن کِلَ نه روڪي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.