وفاق سان ڳالهائڻ وقت لڳندو آهي ته ٻوڙن سان ڳالهائي رهيو آهيان: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، وفاق سان ڳالهائڻ وقت لڳندو آهي ته ٻوڙن سان ڳالهائي رهيو آهيان.

لاهور ۾ ڪورونا پابندين تي نه چيو ويو ته معاشي قتل ٿي رهيو آهي پر سنڌ ۾ ڪيس وڌڻ تي پابندين کي معاشي قتل چيو ويو.

ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ جلد بحالي ڏانهن وينداسين ۽ پابنديون ختم ٿينديون، سڀني کي ويڪسينيشن ڪرائڻ گهرجي، جيڪي سرڪاري ملازم ويڪسين نه ڪرائيندا، انهن جون پگهارون روڪينداسين، عوام ويڪسين لڳرائڻ کانپوءِ به ايس او پيز تي عمل ڪري ۽ حڪومت جي مدد ڪري ته جيئن بحالي ڏانهن وڃون.

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪيس وڌيڪ آهن پر شرح گهٽ ٿي آهي، ڪراچي ڳتيل آبادي وارو شهر آهي، ان ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ممڪن ناهي، وبا موجود آهي، اسان کي احتياط جاري رکڻو پوندو، جيڪڏهن اسڪول کولڻا آهن ته سڀني استادن کي ويڪسين لڳرائڻ ضروري آهي، دڪان کولڻ لاءِ به ويڪسين لڳرائڻي پوندي، اسان ريڊ لسٽ ۾ ان ڪري آهيون، ڇو ته اسان وٽ ويڪسينيشن ناهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته لاهور ۾ ڪورونا ڪيس وڌيا ته پابندين تي نه چيو ويو معاشي قتل ٿي رهيو آهي پر سنڌ ۾ ڪيس وڌڻ تي پابندين کي معاشي قتل چيو ويو ۽ چيو ويو ته ماڻهن کي مارڻ چاهيون ٿا، ٽاسڪ فورس ۾ اسان گڏجي فيصلا ڪندا آهيون، پوليس، رينجرز، ڊاڪٽر سڀ موجود هوندا آهن، ماڻهن کي ڪا تڪليف ٿي ته معذرت ڪيان ٿو.

مراد علي شاهه موجب مان وزيراعظم کي چيو هو توهان اسد عمر کي چئو ته ٻڌائي ڪراچي ۾ احتياط جي ضرورت آهي پر هن ائين نه ڪيو، وفاق سان ڳالهائڻ وقت لڳندو آهي ته ٻوڙن سان ڳالهائي رهيو آهيان، وزيراعظم کي خط لکيو آهي ته سنڌ سان ناانصافيون پيون ٿين، وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان کي ٻين صوبن ۾ ترقي تي خوشي آهي پر سنڌ سان اهڙو ورتاءُ ڇو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.