سنڌ حڪومت لاءِ نه سنڌ جي عوام لاءِ پئسو خرچ ڪنداسين: اسد عمر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وفاق سنڌ جي عوام لاءِ پئسو خرچ ڪندو، سنڌ حڪومت لاءِ نه.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته عمران خان سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي، تعصب جي سياست ناهي ڪندو، سنڌ جو وڏو وزير رڳو پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ سان ڪو امتيازي ورتاءُ نه پيو ڪيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ وفاق رڪارڊ فنڊ فراهم ڪيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام ۾ فرق آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام تي پئسو خرچ ڪندي حڪومت لاءِ نه، صوبائي حڪومت سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي، اهي اسان لاءِ سنڌ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت ملتان سکر موٽر وي تي ڪم شروع ڪيو ۽ مڪمل اسان ڪيو، سنڌ حڪومت موٽر ويز ٺاهڻ لاءِ هڪ رپيو خرچ نه ڪيو، وفاق سنڌ ۾ موٽر ويز لاءِ 300 ارب رپيا جاري ڪيا، ورهين کان ڪراچي کي پاڻي فراهمي لاءِ ڪي فور منصوبو رولڙي جو شڪار هو، اسان ان لاءِ فنڊ رکيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.