سنڌ ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڀاڻي کان صوبي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سڀاڻي 7 جون کان نائين ۽ ان کان مٿي جي جماعتن جا تعليمي ادارا سخت ايس او پيز سان ٻيهر کولڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي ويڪسينيشن لازمي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.