سنڌ حڪومت ڪورونا پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس تي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سومر 7 جون کان سڄي صوبي ۾ دڪان رات 8 وڳي تائين کليل رکيا ويندا پر سڀني دڪانن جي اسٽاف جي ويڪسين لازمي طور ڪرائڻي پوندي ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ اسٽاف جا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رات 12 وڳي تائين اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي ماڻهن وچ ۾ وٿي لازمي هوندي.

سمنڊ ۽ بيچ کولڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيلون به ايس او پيز تحت کولڻ جي اجازت هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.