جماعت اسلامي جو ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ج  بدمعاشي عروج تي آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ شھرين جي رات جي ننڊ ۽ ڏينهن جو ڪاروبار تباھه ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت ۽ نيپرا ڪٿي به نظر نٿا اچن، عدالت ڪيترائي ڀيرا لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي پر وقت تائين نه لوڊشيڊنگ ختم ٿي آهي، نه وري ٻيو ڪو ايڪشن ورتو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته بس هاڻ گهڻو ٿي چڪو، سومر کان ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، 12 جون تي بجلي ڪمپني جي هيڊ آفيس جو گهيرو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.