”ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ 7 جون کان تعليمي ادارا کوليا ويندا“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ سمورا تعليمي ادارا 7 جون کان کوليا ويندا.

اين سي او سي طرفان جاري بيان موجب پي آءِ اي جو خاص جهاز سائنوفام ويڪسين جون 10 لک خوراڪون کڻي چين کان پاڪستان پهتو، پاڪستان کي جون ۾ سائنو فام، ڪين سائنو ۽ سائنوويڪ جون مجموعي طور هڪ ڪروڙ 10 لک خوراڪون ملنديون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وبا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ عوام کي ويڪسين هڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري وڏي پئماني تي ويڪسينيشن مهم ۾ سهولتون وڌائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي بنا وقفي فراهمي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي.

بيان موجب تعليمي شعبو ٻيهر کولڻ جو به جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ سمورا تعليمي ادارا 7 جون کان کوليا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.