روسي ٽينس اسٽار ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ گرفتار

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) ٽينس جي گرينڊ سليم ٽورنامينٽ فرينچ اوپن ۾ روسي رانديگرياڻي يانا سزيڪووا کي ميچ فڪسنگ الزامن ۾ گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ۽ فرنچ ٽينس فيڊريشن گرفتاري جي تصديق ڪئي پر ان حوالي سان ڪو سبب نه ٻڌايو ويو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اها گرفتاري ميچ فڪسنگ سبب ٿي آهي.

گذريل سال فرنچ پراسيڪيوٽر فرنچ اوپن ۾ وومينز ڊبل ميچ دوران فڪسنگ جي الزامن جي جاچ شروع ڪئي هئي، ان ميچ ۾ يانا سزيڪووا ۽ سندس پارٽنر شڪست جو منهن ڏٺو هو.

يانا سزيڪووا کي پهرين رائونڊ جي ميچ کانپوءِ مساج سيشن مان ٻاهر ايندي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هوٽل ۾ سندس ڪمري جي تلاشي پڻ ورتي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.