سنڌ جي انتهائي گهربل دهشتگردن جو نئون ريڊ بُڪ جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) سنڌ جي انتهائي گهربل دهشتگردن جو نئون ريڊ بڪ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ دهشتگردن جي سِر جي قيمت 2 کان 30 لکن تائين رکي وئي آهي.

سي ٽي ڊي جي نئين ريڊ بُڪ ۾ شامل پهريون نالو داعش دهشتگرد ڪوڊ نالي محمود جي سِر جي قيمت 25 لک رپيا آهي، جڏهن ته ڪالعدم ٽي ٽي پي جي خان زمان محسود جي سِر جي قيمت به 25 لک رپيا رکي وئي آهي.

لشڪر جهنگوي جي فيصل ڀٽي جي سِر جي قيمت 30 لک ۽ لشڪر جهنگوي جي ئي محمد علي ۽ قاري جميل جي سِرن جي قيمت 5-5 لک رپيا آهي.

جند الله جي ڪاشف شاهه جي سِر جي قيمت 5 لک رپيا، سپاهه محمد جي دهشتگردن ۾ رضا امام جي سِر جي قيمت 10 لک، مولانا ذوالقرنين حيدر نقوي تي 10 لک، محب علي رضوي تي 10 لک، محسن مهدي رضوي تي 10 لک، راشد حسن تي 10 لک، علي مستحسن ۽ آصف حسين زيدي تي 5-5 لک رپيا انعام رکيو ويو آهي.

لياري گينگ وار جي بلال راشد جي سِر جي قيمت 10 لک رپيا، نثار ملا جي سِر جي قيمت 5 لک، زاهد لاڊلا ۽ شيراز ذڪري جي سِر جي قيمت 2-2 رپيا رکي وئي آهي.

سمورن گهربل دهشتگردن جي سِر جي قيمت گهرو کاتي مقرر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.