جسم فروشي ۾ ملوث ٻه بالي ووڊ اداڪارائون گرفتار

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي شهر ٿاڻي جي پوليس جسم فروشي جي ڌنڌي ۾ ملوث ٻن بالي ووڊ اداڪارائن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ڀرسان شهر ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي گهر تي ڇاپو هنيو، جتان جسم فروشي ۾ ملوث ٻن عورتن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي عورتون بالي ووڊ فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته انهن مان هڪ ڀارت جي ڏکڻ فلم انڊسٽريءَ ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.

رپورٽن موجب اداڪارائن ڪورونا سبب ڪم نه هجڻ جي ڪري جسم فروشي جو پيشو اختيار ڪيو هو.

پوليس ٻڌايو ته اداڪارائن کي جسم فروشي بدلي وڳي معاوضي جي آڇ تي گهرايو ويو هو، جڏهن ته گرفتار ٿيلن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.