نوابشاهه : سينئر صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي ورسي سادگي سان ملهائي وئي

نواب شاھ پريس ڪلب جي سينيئر صحافي مرحوم سيد علي محمد شاھ لڪياري جي پھرين ورسي سندس خاندان پاران ڪورونا سبب سادگي سان مرڪزي امام بارگاھ موھني بازار نواب شاھ ۾ ملھائي وئي, ورسي جي موقعي تي علي محمد شاھ جي ڀاءُ ارباب شاھ چيو ته علي محمد شاھ  غريب ماڻھن سان محبت ڪئي، ھن غريبن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو شيعا علما ڪائونسل جي اڳواڻ محمد حسين چانڊيو چيو ته علي محمد شاھ لڪياري بي باڪ بھادر صحافي ھو ، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي چيو ته علي محمد شاھ جي ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي ، ورسي تقريب کي شوڪت شاهه، ذولفقار علي خاصخيلي ،ڪامريڊ علي جان رند ،رحيم لاشاري اظھر زرداري، ضمير زرداري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ کيس پنهنجي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.

رپورٽ _رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.