سعودي حڪومت چيني ويڪسين جي منظوري ڏيندي: سعودي سفير جي خاطري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي درخواست تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد اي المالڪي چين جي ڪورونا ويڪسين جي منظوري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي جيئن پاڪستاني حاجي سعودي عرب اچي سگهن.

سعودي عرب جي سفير نواف سعيد اي المالڪي سان گڏ سعودي عرب جي قونصل جنرل بندر الديال ۽ شاهه سلطان ريليف آرگنائزيشن جي وفد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سي ايم هائوس ۾ملاقات ڪئي.

اجلاس جي آغاز تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سعودي عرب حج پانڌيئڙن جي لاءِ چين جي ڪووڊ 19 ويڪسين جي منظوري ناهي ڏني ان ڪري ان سان پاڪستاني عوام ۾ مايوس جي لهر آهي.

مراد علي شاهه چيو ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي شهرين کي چين جي ويڪسين هنئي آهي، هاڻ اسان جا ماڻهو ڏاڍا پريشان آهن ته هنن کي سعودي عرب وڃڻ جي اجازتنه هوندي ڇو ته هنن وٽ چيني ويڪسين هڻڻ جو سرٽيفڪيٽ آهي.

سعودي سفير سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته چيني ويڪسين جي منظوري ڏني ويندي ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي حج لاءِ سعودي عرب ۾ ڀليڪار چيو ويندو، ان تي سنڌ جي وڏي وزير سعودي سفير جا ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.