فاروق ستار سي ٽي ڊي ۾ پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي جي اڳواڻ فاروق ستار سي ٽي ڊي سول لائين ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهين ۾ فاروق ستار جو چوڻ هو ته ان معاملي جي سي ٽي ڊي جاچ ڪري رهيو آهي، جيڪي جوابدار گرفتار ٿيا آهن انهن ايم ڪيو ايم سان وابستگي ظاهر ڪئي آهي ۽ جوابدارن طرفان منهنجو حوالو ڏنو ويو.

هن ٻڌايو ته مبينا طور تي جيڪي جوابدار آهن انهن پنهنجي بيان ۾ مون سان تعلق جوڙيو آهي پر آئون انهن سڀني حوالن جي ترديد ڪيان ٿو.

تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ان جي تفصيل ۾ ويندس ته جاچ متاثر ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.