سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هنگامي جي ور چڙهي ويو، مخالف ڌر طرفان اسپيڪر ڊائس جو گهيرو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اڄ ٻيهر هنگامو ٿيو جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايم ڪيو ايم جي محمد حسين اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري ۽ اسپيڪر جي انڪار جي باوجود هو ڳالهائڻ تي اسرار ڪندو رهيو.

مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته جڏهن ڪراچي جا ماڻهو اڃ ۾ مري رهيا هئا ته توهان ان تي ڳالهائڻ لاءِ وقت ڏنو.

صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته اسان مخالف ڌر ميمبرن جي ڳالهه ٻڌي، درخواست آهي ته اسان جي ڳالهه به ٻڌي وڃي.

پر مخالف ڌر ميمبر ايوان ۾ نعري بازي ڪندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا نعرا هنيا.

اجلاس ۾ موبائيل سان ويڊيو ٺاهڻ تي اسپيڪر سراج دراني ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايوان ۾ موبائيل تي پابندي هڻنداسين.

اسپيڪر مخالف ڌر ميمبرن جي احتجاج تي اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو پر اجلاس ٻيهر شروع ٿيڻ تي مخالف ڌر اڳواڻ ٻيهر نعري بازي شروع ڪري ڇڏي.

سوالن واري واقفي کان پوءِ اعتراض واري نقطي تي تعليم واري وزير سعيد غني ٻڌايو ته 30 جنوري تي اسٽيرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ تبديليون ڪيون ويون هيون، حڪومت پنهنجي پلان جي تحت امتحان وٺندي.

مخالف ڌر ميمبرن جي احتجاج باوجود ايڪيوٽرسٽ پراپرٽ بورڊ جو قانون ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر بل منظوري جو اعلان ڪندي اجلاس 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته پاڻي جي چوري تي وزير اربين رپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن.

هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ گورنر هنيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.