”غير قانوني ڪم ملڪ رياض ڪري يا سعيد غني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعيم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته غير قانوني ڪم ملڪ رياض ڪري يا سعيد غني قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.

ان موقعي تي سنڌ جي محنت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي تعليم کاتي پنهنجي اسٽيئرنگ ڪميٽي کي 30 جنوري 2021ع جي اجلاس کان پوءِ نائين کان ٻارهين درجي تائين جا امتحان جولاءِ ۾ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته باقي صوبن اِهو اعلان هاڻ ڪيو آهي.

هن چيو ته اسان ان ڳالهه کي قبول ڪيون ٿا ته ڪوويڊ جي ڪري تعليم جو ڏاڍو نقصان ٿيو آهي ۽ اسان گذريل سال بنا امتحانن جي سمورن ڪلاسن ۾ ٻارن کي پروموٽ ڪيو پر هن سال سمورن صوبن اتفاق راءِ سان اِهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن صورت به اسان بنا امتحانن جي ٻارن کي اڳئين درجي ۾ پروموٽ نه ڪنداسين.

سعيد غني چيو ته هن وقت به سنڌ صوبي ۾ ڪوويڊ جي صورتحال ايتري بهترناهي جو اسان فوري طور تي تعليمي ادارا کولي سگهون البت اسان آهستي آهستي اسٽيپ ۾ انهن کي کولينداسين.

هن چيو ته هن سال اسان جتي امتحانن جو وقت 3 ڪلاڪن بدران 2 ڪلاڪ ڪري ڇڏيو ته اُتي ئي پيپر جي طريقيڪار کي به هن سال لاءِ تبديل ڪيو آهي ۽ هاڻ پرچو 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙو مختصر ۽ 20 سيڪڙو طويل سوالن تي ٻڌل هوندو.

ان موقعي تي سوالن جي جواب ۾ سعيد چيو ته غير قانوني ڪم ملڪ رياض ڪري يا سعيد غني ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ملير جي ڳوٺن تي قبضي جون ويڊيوز آيون ته بلاول ڀٽو جي هدايت تي ڪارروائي ڪئي ۽ فوري طور تي شروعات يرپورٽ جي روشني ۾ ڪجهه ماڻهن کي معطل به ڪيو آهي ۽ وڌيڪ ممل شفاف جاچ جو به حڪم ڏنو آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به غير قانوني قبضو نه ٿيڻ ڏيندي ۽ جيڪڏهن بحريا ٽائون جي معاملي تي اُتان جي ماڻهن سان ذيادتي ٿي ته احتجاج هنن جو حق آهي.

هن چيو ته 37 هزار نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪورونا جي ڪري ڪجهه پابنديون لڳل آهن.

خانگي اسڪولن ۾ تعليم هيٺ ٻارن کي هن سال ڪنهن قسم جي فيسن ۾ رعايت جي سوال تي سعيد غني چيو ته گذريل سال مڪمل لاڪ ڊائون هو، ماڻهن جي آمدني جا ذريعا گهٽ ٿي ويا. پر هن سال لاڪ ڊائون ناهي ٿيو، ماڻهن جي آمدني جا ذريعا ضرور گهٽ ٿيا آهن پر گذريل سال جيان بند ناهن ٿيا ۽ اسان کي جتي والدين کي ڏسڻو هوندو آهي، اُتي اسان کي انهن اسڪولن کي به ڏسڻو هودنو آهي، جتي لکين ٻار تعليم هيٺ آهن ۽ گذريل سال ڪيترائي اسڪول رڳو ان ڪري بند ٿيا ويا جو والدين اُتي فيس نه پئي جمع ڪرائي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.