سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا صوبائي حڪومت جي ملازمن لاءِ پينشن سڌارن جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي تحت وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پينشن بل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڌارن تي غور ڪيو ويو.

وڏي وزير جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي ملازمن جو انگ 4 لک 93 هزار 182 آهي ۽ انهن ملازمن جي ماهوار پگهار لڳ ڀڳ 23 ارب 9 ڪروڙ رپيا آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پگهارن کان سواءِ اڳوڻن ملازمن جي پينشن جو بل 13 ارب 30 ڪروڙ رپيا آهي ان ڪري اسان کي پينشن بل گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪرڻا آهن.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن موجوده طريقيڪار لاڳو رهيو ۽ سڌارا نه ڪيا ويا ته ايندڙ 10 ورهين ۾ پينشن جو بل پگهارن جي بل کان وڌي ويندو.

اجلاس دوران ڪابينا پينشن بل جي حوالي سان مختلف تجويزن تي غور ڪيو ۽ پينشن سڌارن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي.

منظور ٿيل سڌارن جي موجب صوبي ۾ وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي هوندي، ريٽائرمنٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 سال سروس ۽ 55 سال عمر مقرر ڪئي وئي آهي، ان قدم سان حڪومت تي 4 کرب 33 ارب 30 ڪروڙ رپين جو بار گهٽ ٿي ويندو.

ان کان سواءِ پينشن، آخري ورتل پگهار جي بدران 3 سالن جي پگهار جي حساب سان جوڙي ويندي ۽ ان قدم سان هن حڪومت تي 3 کرب 48 ارب 80 ڪروڙ رپين جو بار گهٽ ٿيندو.

حڪومت فيملي پينشن فوري طور تي وارثن ۾ شامل ميمبرن تائين محدود ڪري ڇڏي جنهن موجب فيملي پينشن، زال/زالن/مڙس يا 21 سالن کان گهٽ عمر جي پٽ تائين محدود هوندي.

مٿي ڄاڻايل سڌارن سان هڪ کرب 12 ارب 17 ڪروڙ 90 لک رپين جو بار صوبائي حڪومت تان گهٽ ٿيندو.

بيان موجب پينشن سڌارا تازو ئي ڀرتي ٿيندڙ ملازمن تي به لاڳو ٿيندا.

ان کان سواءِ سال 22-2021ع ۾ سنڌ حڪومت پينشن جي مد ۾ 0.5 سيڪڙو جي ڀائيواري ڪندي جنهن کي وڌائي 3 سيڪڙو ويندو ويندو.

وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اينڊوسڪوپي اينڊ گيسٽرولوجي ڪراچي قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني جيڪا سول اسپتال ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويندو.

ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ روينيو بورڊ (ايس بي آر) مئي ۾ 10 ارب 68 ڪروڙ 60 لک رپيا روينيو گڏ ڪيو آهي.

هن ٻڌايو ته جولاءِ 2020ع کان مئي 2021ع تائين ايس بي آر جي ڪليڪشن 1 کرب 8 ارب 68 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي انهيءَ عرصي دوران ٿيندڙ ڪليڪشن 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.