ڪورنا وائرس:  ملڪ ۾83 فوتگيون، ٽن مهينن کان پوءِ مثبت ڪيسن جي سڀ کان گهٽ شرح

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا پر مثبت ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٽن مهينن کان پوءِ سڀ کان گهٽ مثبت ڪيسن جي شرح رپورٽ ٿي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 52859 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1893 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته اوئرس سبب 83 فوتگيون به ٿيون.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.58 سيڪڙو رهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪسين جي شرح ٽن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان گهٽ شرح آهي، ان کان اڳ 27 فيبروري تي ڪورونا جي سڀ کان گهٽ شرح 3.2 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي.

ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي فوتگين جو انگ 21105 ٿي ويو ۽ ڪل ڪيسن جو انگ 9 لک 28 هزار 588 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين وائرس مان 8 لک 56 هزار 5 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.