سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيلن جي آزادي بابت ڪيس اڪلائي ڇڏيوط

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهري ياسين ۽ ٻين جي بازيابي جي هدايت سان گڏ گم ٿيل شهرين جي نشاندهي تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٽن گم ٿيل شهرين بابت وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2017 کان گم ٿيل محمد يوسف مردان جيل ۾ قيد آهي، هڪ گم ٿيل شهري ڪراچي سينٽرل جيل ۾ آهي، گم ٿيل شهري حارث گهر پهچي ويو.

عدالت گم ٿيل شهرين جي نشاندهي تي ڪيس اڪلائي ڇڏيو، جڏهن ته گم ٿيل شهري ياسين ۽ ٻين جي بازيابي جي هدايت ڪندي پوليس، رينجرز ۽ ٻين کان آگسٽ ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.