پي ايس ايل ميچون ابوظهبي ۾ يقيني بڻائڻ جو ڪريڊٽ پ پ کڻي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 6 جون رهيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿيڻ جو حتمي فيصلو ٿي ويو آهي ۽ ميچن جو شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي پر ان حوالي سان رنڊڪون ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ پ پ کڻي ڇڏيو آهي.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر شاهه ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته مان ابوظهبي ۾ هڪ دعوت تي ويو هيس، جتي شيخ الهنيان بن مبارڪ سان ميچن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پ پ ڀلي حڪومت ۾ هجي يا نه، پاڪستان لاءِ ته هر وقت حاضر آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پي ايس ايل شيڊيول ٿيڻ جي خبر به ناصر شاهه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان اڳ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.