ملڪ ۾ اڄ سون سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهه مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ گهٽجي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 150 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار 150 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 130 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 96 هزار 150 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر گهٽتائي سان 1895 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.