پي ٽي آءِ معاشي سطح تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي: پ پ چيئرمين

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت معاشي سطح تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، رڳو هڪ سال ۾ اٽو 28 سيڪڙو ۽ کنڊ 21 سيڪڙو مهانگي ٿي.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار جي دعويٰ ڪئي ۽ رڳو هڪ سال ۾ اٽو 28 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو، هڪ سال ۾ کنڊ به 21 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي، حڪومت معاشي سطح تي مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

هن چيو ته پگهارن جي ادائيگي لاءِ به پي ٽي آءِ قرض وٺي رهي آهي، توانائي جي اوسر شرح ۾ گهٽتائي باوجود صنعتي ترقي جون دعوائون ڇرڪائيندڙ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.