سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبائي ٽاسڪ فورس لاڪ ڊائون ۾ مرحلي وار نرمي جي ڳالهه ڪئي آهي، ڇو ته ڪورونا ڪيس گهٽجڻ لڳا آهن.

ڪراچي ۾ واپارين سان خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ڄاڻان ٿو سختيون آهن پر حل اهو ئي آهي، سختين سان ڪورونا ڪيس گهٽيا آهن، اڄ ٽاسڪ فورس سختيون گهٽ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ري اوپننگ ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ ان تي مشاورت ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته واپاري پئسو پوليس کي ۽ گاريون اسان کي ڏئي رهيا آهن، ٽاسڪ فورس جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪراچي چيمبر جا نمائندا به شامل هوندا، ڪاروبار جو وقت وڌائي رهيا آهيون، نرمي ۽ ڪاروبار کولڻ ڏانهن وڃي رهيا آهيون، واپاري برادري ويڪسينيشن مهم تيز ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪري.

سندس چوڻ هو ته  هن سال سنڌ کان اڳ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ڪيس وڌيا، تنهن ڪري اسان سنڌ ايندڙ بسون، ريلون ۽ اڏامون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر نه مڃيو ويو، تنهن ڪري انداز کي اندازو هو ته ڪيس وڌندا، وفاق کي بجلي، گئس بل ختم ڪرڻ يا قسمن جي تجويز ڏني آهي، ٽيڪس ڇوٽ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.