ويوو جو نئون ۽ بهترين اسمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ اچي ويو

ويوو جي وي سيريز کي بهترين سيلفي ڪيمرا طور سڃاتو ويندو آهي.

پر حقيقت ۾ ويوو وي سيريز ۾ ئي پهريون ڀيرو 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هاڻ هر ڪمپني طرفان ائين ڪيو پيو وڃي.

اپريل جي آخر ۾ ويوو وي 21 سيريز جا 3 اسمارٽ فونز متعارف ڪرايا ويا هئا جنهن ۾ وي 21، وي 21 فائيو جي ۽ وي 21 اي شامل آهن.

هاڻ ويوو وي 21 کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پري آرڊر ۾ موجود آهي.

وي 21 ۾ فرنٽ تي 44 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن ۾ او آءِ ايس به موجود آهي جيڪو فرنٽ ڪيمرائن ۾ ناهي هوندو.

ان کان سواءِ ايڪسٽرا اسموٿ نس لاءِ اي آءِ ايس جو فيچر به ڪيمرا جو حصو آهي جڏهن ته 3 ايل اي ڊيز به فريم ۾ موجود آهن جيڪي اونداهي ۾ تصوير ڪڍڻ لاءِ مدد ڪنديون آهن.

اهڙي طرح اي آءِ نائٽ پورٽريٽ موڊ سان گڏ آٽوفوڪس جهڙو فيچر به هن ڪيمرا جو حصو آهي جيڪو اڪثر فليگ شپ فونز ۾ ناهي هوندو.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

هن سيٽ اپ ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن ۾ او آءِ ايس سسٽم موجود آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهي.

ڪمپني موجب فرنٽ ۽ بيڪ ڪيمرائن کي اسپلٽ اسڪرين وي لاگز جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

هي فون 6.44 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفرش ريٽ سپورٽ ۽ ايڇ ڊي آر 10 پلس سپورٽ سان گڏ آهي.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 800 يو پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪري ٿي.

وي 21 ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته فونز ۾ اهڙو ريم فيچر ڏنو ويو آهي جنهن سان سسٽم ائين ڪم ڪندو ڄڻ ان ۾ 11 جي بي ريم موجود آهي.

هي فون پري آرڊر ۾ 59 هزار 999 رپين ۾ موجود آهي جڏهن ته ان جو باقاعده وڪرو 8 جون کان شروع ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.