مون کي اڄ تائين ”عورت مارچ“ جو ڪو فائدو نظر ناهي آيو: جويريا سعود

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ۽ ميزبان جويريا سعود چيو آهي ته مان اڃا تائين عورت مارچ جو ڪو فائدو ناهي ڏٺو.

تازو هڪ انٽرويو ۾ جويريا سعود عورتن جي عالمي ڏينهن تي نڪرندڙ مارچ تي ڳالهايو ۽ چيو ته بئنر کڻڻ ۽ نعرا هڻڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، جيڪڏهن توهان واقعي مظلوم عورتن جي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ظلمن کي بند ڪرايو، مظلوم عورتن لاءِ نعرا هڻڻ بدران انهن جي مسئلن جو پرامن حل ڳوليو، ڇو ته مارچ ۾ جيڪي عورتون شامل هونديون آهن، اهي پڙهيل کليل هونديون آهن.

هن چيو جيتوڻيڪ اهي عورتون مظلوم عورتن لاءِ آواز اٿارينديون آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر انهن جي آواز جو مان اڃا تائين ڪو فائدو ناهي ڏٺو، مان مارچ ۾ شامل ڪنهن به عورت کي مظلوم عورت جي مدد ڪندي ناهي ڏٺو، جيڪڏهن انهن عورتن جا رڳو نعرا انهن جي مدد ڪري سگهن ٿا ته مان انهن سان گڏ آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.