ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويا، دبئي ۾ ڪرائڻ جون تياريون

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

اڱاري ڏينهن آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ 2024 کان 2031 جي آءِ سي سي ايونٽس تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان دوران هلندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تي به غور ڪيو ويو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ مئنيجمينٽ ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اها ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ يو اي اي ۾ ڪرائڻ جي تياري تي ڌيان ڏئي، گڏوگڏ هڪ ٻئي نار ملڪ کي به شامل ڪرڻ جو آپشن رکيو وڃي، ايونٽ جي ميزباني جا حق ڀارت وٽ ئي هوندا پر وينيوز جو حتمي فيصلو هن مهيني جي آخر ۾ ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هاڻ 20 ٽيمون هونديون، جڏهن ته ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 14 ٽيمن کي شامل ڪيو ويندو.

ٽي ٽوئنٽي ۾ شريڪ 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ جون 2 ٽاپ ٽيمون سپر ايٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهينديون، جنهن کانپوءِ سيمي فائنل ۽ فائنل ٿيندو، جڏهن ته ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 7-7 ٽيمن جا ٻه گروپ هوندا.

اجلاس ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کي به بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو ايونٽ 2025 کان ٻاهر آءِ سي سي ڪئلينڊر ۾ شامل ٿيندو ۽ 2024 کانپوءِ 2031 تائين هر سال آءِ سي سي ايونٽ ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.