گهوٽڪي: ماٿيلو چوڪ تي سميجا ۽ ڪولاچي برادري ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ماٿيلو چوڪ تي سميجا ۽ ڪولاچي برادري ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا امام بخش سميجو الله بخش سميجو مولا بخش سميجو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ مولا بخش سميجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ڪولاچي برادري جي ماڻهن جمعدار الله بخش ڪولاچي، گلو ڪولاچي ، محمد ابراهيم ڪولاچي، قمر ڪولاچي انهن جي هوٽل تي بنا جواز چڙھائي ڪري حملو ڪري ڏنو، هن چيو ته سندن ڪار جا شيشا ٽوڙيا ويا ۽ روڪ رقم 57000 ء موٽرسائيڪل سي ڊي 2016 جا ڪاغذ به کڻي ويا،  امام بخش سميجو چيو تہ هو غريب آھن، انهن  کي ڪولاچي برادري جا ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انهن جي جان کي خطرو آهي ، هنن ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل ڊي آء جي فدا حسين مستوئي کان مطالبو ڪيو ته انهن سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي

رپورٽ_ آزاد مھر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.