واهپيدارن جي سهولت لاءِ واٽس ايپ جو نئون فيچر متعارف

مشهور ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ايپ ۾ نيون نيون تبديليون ڪندو رهندو آهي پر تازو ئي متعارف ڪرايل فيچر وقت جي گهٽتائي ۾ ڪم ايندو.

ڪيترائي ماڻهو پيغام موڪلڻ لاءِ وائس نوٽس جو استعمال ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ايتري ڊگهي ٿي ويندي آهي جو وائس نوٽ سيڪنڊن بدران منٽن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، پر هاڻ توهان ان ڊگهي وائس نوٽ کي به جلدي ٻڌي سگهندا.

واٽس ايپ طرفان وائس نوٽ جي رفتار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، 2x, 1.5x  ۽ 1x هاڻ واهپيدار جو وائيس نوٽ جي اڳيان مينشن هوندو توهان جنهن رفتار ۾ چاهيو ان ۾ ٻئي جو آواز ٻڌي سگهندا.

خيال رهي ته واٽس ايپ جو نئون فيچر 2.21.100 ويزن استعمال ڪندڙن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.