چيني ڪمپني نئين گيمنگ سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

 

چيني ڪمپني نوبيا پنهنجي نئين گيمنگ سمارٽ فون ريڊ ميجڪ 6 آر متعارف ڪرائي ڇڏي.

اها ريڊ ميجڪ 6 سيريز جي ٽين فون آهي، جنهن جي باڊي وڌيڪ سَنهي ۽ ڊيزائن کي پرڪشش بڻايو ويو آهي.

ان فون ۾ ڪوالڪوم جو فليگ شپ پراسيسر اسنيپ ڊراگون 888 موجود آهي، جنهن سان گڏ 8 کان 12 جي بي ريم ڏني وئي آهي.

فون ۾ 6.67 انچ جو اموليڊ ڊسپلي 144 هرٽز ريفريش ريٽ سان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽچ سينسرز سان ليس شولڊر ٽريگرز به ان جو حصو آهن.

ريڊ ميجڪ 6 آر ۾ 4200 ايم اي ايڇ بيٽري 55 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪئميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي، مين ڪئميرا 64 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 5 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪئميرا موجود آهي.

فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪئميرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

ان فون کي سڀ کان اڳ ۾ چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جي قيمت 2999 يوآن (72 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۽ 3999 يوآن (97 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) هوندي، جنهن جو دارومدار اسٽوريج ۽ ريم تي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.