ڪورونا وائرس جي تحقيق ۾ سائنس ۽ سياست کي الڳ رکڻ جي اپيل

 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي شروعات ڪٿان، ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي؟ ان سوال بابت تحقيق ۾ سياسي مداخلت تي صحت جي عالمي اداري طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.

ڊبليو ايڇ او جي ايمرجنسي ڊائريڪٽر مائيڪل رائن صحافين سان ڳالهائيندي اپيل ڪئي ته سائنس کي سياست کان پري رکيو وڃي ۽ صحت جي عالمي اداري کي مناسب ۽ هاڪاري ماحول ۾ جواب ڳولڻ ڏنا وڃن.

سندس چوڻ هو ته ان تحقيقاتي عمل کي سياست جو شڪار بڻايو پيو وڃي.

واضح رهي ته ڊبليو ايڇ او تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته ڪورونا وائرس جي شروعات بابت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ عالمي ادارو نئين تحقيق ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.