سائنسدانن حاجت دوران پيٽ جون بيماريون ٻڌائيندڙ ليٽرين تيار ڪري ورتي

نارٿ ڪيرولائنا(ويب ڊيسڪ) آمريڪي انجنيئرن ۽ طبي ماهرن گڏيل طور تي ڪم ڪندي اهڙو جديد ۽ ذهين ليٽرين تيار ڪئي آهي جيڪا حاجت دوران ئي پنهنجي استعمال ڪندڙ جي ڪاڪوس (پائخاني) جو تجزيو ڪري پيٽ ۽ آنڊن جي بيمارين جو پتو لڳائي سگهي ٿي.

ڊيوڪ يونيورسٽي نارٿ ڪيرولائنا ۾ ايجاد ڪيل ان باٿ روم کي ”اسمارٽ ٽوائلٽ“ به چيو پيو وڃي ڇو ته هي مصنوعي ذهانت استعمال ڪندڙ هڪ اهڙي پاڻمرادي نظام سان ليس آهي جيڪا سخت پائخاني جي تصوير ڪڍي فوري طور تي اِهو ٻڌائي سگهي ٿي ته ٽوائلٽ استعمال ڪندڙ شخص کي پيٽ يا آنڊن جي ڪا بيماري آهي يا نه.

بيماري جي صورت ۾ هي پنهنجي استعمال ڪندڙن کي خبردار ٿي ڪري، جيئن هو ڊاڪٽر سان رابطو ڪري ۽ پنهنجو علاج ڪرائي.

اسمارٽ ٽوائلٽ جي نظام جو دارومدار مصنوعي ذهانت استعمال ڪندڙ هڪ الگورٿم تي آهي جنهن کي سخت پائخاني جون هزارين تصويرون ڏيکاري ان قابل بڻايو ويو آهي ته جيئن هو رڳو هڪ نظر ۾ پائخاني کي ڏسي پيٽ يا آنڊن جي بيماري جو پتو لڳائي سگهي.

شروعاتي تجربي ۾ ان الگورٿم پيٽ ۽ آنڊن جي مرضن جي 86 سيڪڙو تائين درست نشاندهي ڪئي جڏهن ته پائخاني ۾ رت جي موجودگي جو پتو به 74 سيڪڙو درست لڳايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.