واٽس ايپ ڀارتي حڪومت جا نوان قانون عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيا

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ ميسيجنگ سروس واٽس ايپ ڀارتي حڪومت جي نون قانونن خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

اڄ اربع کان لاڳو ٿيندڙ قاعدن تحت ان ميسيجنگ پليٽ فارم کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته واٽس ايپ تي ڪنهن به پيغام کي موڪليندڙ جي سڃاڻپ ظاهر ٿي سگهي.

فيس بُڪ جي ملڪيتي ڪمپني دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ انهن قاعدن کي ڀارتي آئين ۾ ڏنل پرائيوسي جي حق جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

واضح رهي ته ڀارتي حڪومت هلندڙ سال فيبروري ۾ فيس بُڪ، گوگل، ٽوئيٽر ۽ واٽس ايپ جهڙن انٽرنيٽ پليٽ فارمز لاءِ نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.