ريڊمي جي مقبول ترين اسمارٽ فون جو ريفريش ماڊل متعارف

شيائومي جي ذيلي برانڊ ريڊمي پنهنجو نئون اسمارٽ فون نوٽ 8 2021ع متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي .

جهڙو آهي ته خبر پئي ٿي ته هي ريڊمي نوٽ 8 جو ريفريش ماڊل آهي جنهن کي 2019ع ۾ پيش ڪيو ويو هو.

ريڊمي جو هي ماڊل سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول ٿيو هو جنهن جا اڍائي ڪروڙ يونٽ وڪرو ٿيا ۽ ان کي ڏسندي ئي امڪاني طور تي ان جو نئون ويزن متعارف ڪرايو ويو آهي.

ريڊمي نوٽ 8 2021ع ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 85 پراسيسر موجود آهي.

فون ۾ 6.3 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن جي تحفظ لاءِ گوريلا گلاس 5 ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي.

ريڊمي نوٽ 8 ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني جي ايم آءِ يو آءِ 12.5 سان ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاڻي جي ڇنڊن کان تحفظ لاءِ نانو ڪوٽنگ به موجود آهي.

4 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جڏهن ته فرنٽ تي 13 ميگا پڪسل ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جيڪو 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا تي ٻڌل آهي.

فون جي اندر 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي.

ڪمپني طرفان في الحال قيمت ۽ موجودگي جي تاريخن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.