
دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. دبئي ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ شعيب ملڪ جي جاءِ تي عماد وسيم قومي ٽيم جي قيادت ڪندو. شعيب ملڪ جي قيادت ۾ کيڏي ويندڙ شروعاتي ٽن ميچن ڪينگروز ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ آسٽريليا پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. پاڪستان ٽيم ۾ شعيب ملڪ ۽ امام الحق جي جاءِ تي ٻن نوجوان رانديگرن سعد علي ۽ عابد علي کي موقعو ڏنو ويو آهي، ٻئي رانديگر اڄ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهيا آهن.