غزه تي عيد جي ڏينهن به اسرائيلي حملا جاري، شهيدن فلسطينين جو انگ 87 ٿي ويو

رمالا(ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان عيد الفطر جي پهرين ڏينهن به غزه تي حملا جاري آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي جهازن اربع ۽ خيمس جي وچولي رات ۽ صبح سوير به فسطيني علائقن تي بمباري ڪئي.

غزه گورنريٽ ۾ شامل خان يونس جي علائقي ۾ اسرائيلي جنگي جهازن جي ميزائلن حملن ۾ هڪ فسلطيني شهيد ٿي ويو جڏهن ته حملن ۾ غزه جي 6 ماڙ عمارت به تباهه ڪئي وئي.

سومر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ فلسطيني شهيدن جو انگ 87 ٿي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت موجب شهيدن ۾ 17 ٻار به شامل آهن جڏهن ته زخمين جو انگ 500 ٿي ويو آهي جنهن مان 26جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.