وزير آباد ۾ تيز رفتار ڪار 5 پينو فقيرن کي چيڀاٽي ڇڏيو

گجرانوالا(ويب ڊيسڪ) وزير آباد ۾ تيز رفتار ڪار روڊ ڪناري هلندڙ پينو فقيرن کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب تيز رفتار ڪار جي ٽڪر سبب فوت ٿيلن ۾ عورتون به شامل آهن جڏهن ته هڪ شخص زخمي به ٿيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي.

پوليس ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.