موسميات کاتي ڪراچي ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي شهر ۾ 15 کان 17 مئي دوران گرمي جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، گرمي جي نئين لهر جي حوالي سان موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر فار هيٽ ويو ايڊوائزري جاري ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 15 کان 17 مئي جي وچ ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ رهندي، گرمي جي نئين لهر دوران پارو انتهائي گرم  هرڻ جو امڪان آهي، ۽ ڏينهن جي وقت گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو خدشو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.