شهباز شريف جي بلاول ڀٽو کي فون، هڪ ٻئي کي عيد واڌايون

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي.

ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون جڏهن ته بلاول شهباز شريف کي حمزه شهباز لاءِ به عيد جي واڌاين جو پيغام ڏنو.

شهباز شريف بلاول ڀٽو کي آصف علي زرداري ۽ وارثن لاءِ عيد تي مبارڪ جو پيغام ڏنو.

ليگي صدر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت لاءِ به نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.